جهـانگـياڻـي پريتي

جهـانگـياڻـي پريتي

جهانگياڻي پريتي

جهـانگـياڻـي پريتي: بـالـي ووڊ جـي سـنڌي اداڪاره پريتي جهانگيـاڻـي، 18 آگسٽ 1980ع ۾ ڪرناٽڪا رياست ۾ ڄائي. هيءَ سنڌيءَ کانسواءِ انگريزي، هندي ۽ ڪنڙ ٻوليون ڳالهائي سگهي ٿي. سندس تعلق سنڌي ڪٽنب سان آهي. هن ممبئيءَ جي جئه هند ڪاليج مان گريجوئيشن ڪئي، جتي سندس ماءُ وائس پرنسپال آهي. پريتيءَ جي پهرين فلم ته ’يه هئي پريم‘ هئي، پر پهرين ڪامياب فلم، جنهن کيس شهرت ڏياري، سا هئي ’محبتين‘. ان کانپوءِ پاڻ ’آواره پاگل ديوانا‘ ۾ آئي. سندس ڪي اهم فلمون هي آهن: نه تم جانو نه هم، واهه تيرا ڪيا ڪهنا، انرٿ، باز، سودا، چهره، چاهت ايڪ نشا وغيره.
هن تامل، تيليگو، مالايالم ۽ پنجابي ٻولين جي فلمن ۾ به ڪم ڪيو. پريتي جهانگياڻيءَ، 2008ع ۾ اداڪار پروين ڊابس سان شادي ڪئي، جنهن مان کيس هڪ ٻار آهي. هوءَ باندرا ممبئيءَ ۾ رهي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1980.08.18  عيسوي

بـالـي ووڊ جـي سـنڌي اداڪاره پريتي جهانگيـاڻـي، 18 آگسٽ 1980ع ۾ ڪرناٽڪا رياست ۾ ڄائي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالله جي ميمڻ
زاهده گوپانگ
شمس الدين تنيو ڊاڪٽر
ڀڳڙو مل ناچيز
دين محمد لاشاري
ٽانوري خالق ڏنو وڪيل
چراغ شاه
اسماعيل موندرو
بيبي راستي
خواجائي شوڪت
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون